شيخ محمد فاضل

شيخ، محمد فاضل: شيخ محمد فاضل، شهنشاهه اورنگزيب جي حڪمراني وارن ڏينهن ۾ ٺٽي جو وڏي مرتبي وارو خطاط هو. هن جي والد جو نالو شيخ محمد هو، جيڪو پاڻ به هڪ ماهر خطاط هو. مير علي شير قانع ٺٽويءَ جي لکڻ موجب: هي ثلث خط جو ماهر استاد هو. هيءُ پهريائين ٺٽي ۾ رهندو هو، ان کانپوءِ دهليءَ ۾ وڃي شاهي نوڪري ڪيائين. عالمگير کيس مير منشيءَ جي درجي تي ترقي ڏني هئي. هن جي خطاطيءَ جو هڪ نمونو، بادشاهي مسجد ٺٽي ۾ سندس صحي سان موجود آهي.


لفظ شيخ محمد فاضلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو